ڇلگري

ڇلگري (ذات): مري بلوچن جي غزيني شاخ مان هڪ پاڙي جو نالو آهي. ڪچي ۾ ڇلگري نالي سان سندن ڪيترائي ڳوٺ آهن. ٽالپرن کين جاگيرون ڏنيون هيون. انگريزن جي حملن سبب سنڌ ڏانهن لڏي آيا. هي سربار گهراڻو آهي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ جمالي قبيلي جا 17 پاڙا لکيل آهن، جن مان هڪ پاڙي جو نالو ’ڇلگري‘ به آهي، يعني هي جمالي بلوچ به آهن.


لفظ ڇلگريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو