شاهوزئي

شاهوزئي (ذات): بروهي قبيلي جي هڪ تمن جو نالو، هن جا مکيه قبيلا ۽ پاڙا هي آهن. (1) ابراهيم زئي، (2) تماز زئي، (3) جنگي زئي،(4) رهزن زئي، (5) ريحان زئي، (6) سيد خان زئي، (7) فدار زئي،(8) گاجي خان زئي، (9) گرزئي، (10) مراد خان زئي، (11)مستان زئي ۽ (12) مصر زئي. جهلاوان پلوي بروهين جي بنگل زئي پاڙي مان هڪ نک جو نالو پڻ ‘شاهو زئي’ آهي. هي زهريءَ قبيلي جي اثر هيٺ آهن. محمد حسين ۽ جتڪ بروهين ۾ پڻ ‘شاهو زئي’ آهن. بزنجو بروهين ۾ پڻ هن ڪيڙ جو ڏس ملي ٿو. ڪتاب ‘بلوچ اور بلوچستان’ جي صفحي 132 موجب شاهوزئي آهي. خداراڻي بروهين جو پاڙو آهي. زرڪ زئي پاڙي وارا هنن جا ڀائر آهن، جي بعد ۾ خداراڻي قبيلي ۾ شامل ٿيا آهن. هڪ ٻئي حوالي موجب شنباڻي بگٽين جي ڪيازئي شاخ مان هڪ ڦريءَ جو نالو پڻ شاهوزئي آهي. ڪتاب ‘بلوچ قبائل’ جي صفحي 40 تي لکيل آهي ته ‘شاهو زئي’ مڪران ۾ رهندڙ رندن جو هڪ پاڙو آهي.


لفظ شاهوزئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو