بزنجو

بزنجو/ بزنجا: بروهي بلوچن جو هڪ قبيلو، جيڪي لس ٻيلي جي اتر- الهندي سرحد تي ”جائولڪ“ واري ڀاڱي ۾ آباد آهن. ٻيلي کان ٻاهر بلوچستان جي لاڳيتي پرڳڻي ۾ به گهڻي تعداد ۾ پکڙيل آهن. ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ انهن مان مير غوث بخش بزنجو کاٻيءَ ڌر جو نالي وارو سياستدان ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. هن وقت سندس پٽ حاصل بزنجو پڻ بلوچستان جي قومي سياست ۾ سرگرم آهي .


لفظ بزنجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو