سهروردي

سهروردي (ذات): سهروردي تصوف جو سلسلو آهي، اڄڪلهه ذات به ليکجي ٿي، جن جي نسبت ايران جي صوبي جبال جي ڳوٺ ’سهرورد‘ سان آهي. هن ڳوٺ جا ڪجهه سيد عالم تبليغ خاطر هندستان ۽ پوءِ سنڌ آيا ۽ هتي مستقل طور آباد ٿيا. ان ڪري اباڻي ڳوٺ جي نسبت سان ’سهروردي‘ يا ’سهروردي سيد‘ سڏجڻ لڳا. شهاب الدين ابو خفص عمر ابن عبدالله شهاب الدين يحى بن حبش سهرورد، ملتان ۾ اسلام جي تعليم عام ڪئي، جتي سندس آخري آرامگاهه موجود آهي.


لفظ سهرورديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو