جنجهي

جنجهي1: جنجهي، ڀاٽي راجپوت نسل مان آهن ۽ سنڌ جي مختلف هنڌن تي آباد آهن.جنجهين جو اباڻو وطن جيسلمير آهي، جتي ڪنهن وقت ۾ ناميارو بادشاه راجا شاليواهن راڄ ڪندو هو، جنهن کي 9 پُٽ هئا، جن جي راڄ جون حدون پري پري تائين پکڙيل ۽ مختلف قلعن جي صورت ۾ نروار هيون:
ڪاشي، مٿرا، پراڳ ڳڙهه، گجنيري، ڀٽنير،
ڏگــم، ڏيـراور، غـزنـي، نـوان جيـسلـميـر.
برصغير جي وسيع علائقي تي حڪمراني ڪندڙ ڀاٽين جو هڪ ٽولو جيسلمير مان هجرت ڪري سنڌ پهتو، جتي فيروز شاهه تغلق جي دور ۾ مسلمان ٿيو، پر نالا وغيره تبديل نه ڪيائون. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي آباد ٿيا، ۽ هن وقت ٿر جي ڳوٺن- وڪڙيي، جنجهي، صالح جنجهي ۽ اسماعيل سنگراسيءَ ۾؛ بئراج ايراضيءَ ۾ عمرڪوٽ، ڪنري، هيرل، ميرپورپراڻي، ٽنڊي غلام علي، سنجهوري، جهول، حيدرآباد، چمبڙ ۽ لاڙڪاڻي ۾ آباد آهن. هي ڪٿي جنجهه ته ڪٿي جنجهي سڏيا وڃن ٿا. هنن جي اڪثريت پڙهيل ۽ ملازمت پيشه آهي ۽ سياست ۾ به سرگرم آهن. نامور اُستاد سچل جنجهي، سگهڙ الهداد جنجهي، ڄام ساقي ۽ غلام محمد جنجهي هن ذات/ قبيلي سان واسطو رکن ٿا .


لفظ جنجهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو