سنگهار

سنگهار: سنگهار، سومري حڪمران دودي پهرئين جو فرزند هو. هيءُ ننڍي ڄمار ۾ 485هه/ 1092ع ڌاري تخت تي ويٺو، تنهن ڪري سڄو راڄ دودي جي وڏي ڌيءَ ’تارا ٻائي‘ هلائڻ لڳي. تارا ٻائي اهڙيءَ ريت حڪومت ڪئي، جو ڪنهن به علائقي ۾ بغاوت نه ٿي ۽ جڏهن سنگهار جوان ٿيو ته ان کي تخت تي ويهاريو ويو. هن جي گاديءَ تي ويهڻ شرط ڪن ماڻهن سرڪشي ڪئي ته تارا ٻائيءَ انهن جي سازشن کي ختم ڪرائڻ لاءِ مٿن پاڻ ڪاهه ڪئي. ڪن راوين جي چوڻ موجب اُهي سرڪش ماڻهو ڪڇ جا هئا، نانڪني (ناڪني) جيڪا ڪڇ ۾ هئي، اُتي جي ماڻهن کي مٿس ويساهه نه هو، تنهنڪري سنگهار فوج وٺي نانڪني تي ڪاهي ويو ۽ اُتي جي سمورن باغين کي ماري مات ڪري بغاوت جو ٻج ختم ڪيائين. اهڙيءَ طرح هالڪنڊي (هالا) کان ڪڇ تائين سندس ڪامياب راڄ رهيو. سنگهار 15 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ 500هه/ 1106ع ۾ وفات ڪئي. سنگهار جي وفات کانپوءِ سندس زال
’همون ٻائي‘ ڪجهه وقت ڀائرن کي ٺري ۽ محمد طور تي حاڪم ڪري رکيو. پر پوءِ سومرن اها زال ذات جي حڪومت قبول نه ڪئي. همون ٻائي ڪجهه وقت ’ديري‘ ۾ گادي ڪئي هئي. هن جي حڪومت ۾ اُتر ۽ ڏکڻ سنڌ شامل هئي.


لفظ سنگهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو