چـڪـوري (اداڪـاره)

چـڪـوري (اداڪـاره)

چڪوري

چـڪـوري (اداڪـاره): سـنڌي، پـنجـابـي ۽ اردو فـلمـن جي مشهور اداڪاره چڪوري بيگم، 1960ع ڌاري حيدرآباد جي مشهور رقاصه ثريا جي گهر ڄائي. سندس مادري زبان پنجابي هئي. سندس پهرين فلم ’محبوب مِٺا‘ 1971ع ۾ ٺهي. جنهن جو فلمساز جي. ايس. گورچاڻي ۽ هدايتڪار اي. ڪيُو. پيرزادو هو. هن فلم ۾ سائيڊ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. بابو ڀائيءَ جي فلم ’تان صدقي'>پيار تان صدقي‘ دوران سندس ملاقات مشتاق چنگيزيءَ سان ٿي ۽ پنهنجي ماءُ ثريا جي مخالفت جي باوجود عدالتي پرڻو ڪيائين. جڏهن هي جوڙو لاهور ويو، ته ڪجهه عرصي بعد سندن علحدگي ٿي وئي. چڪوريءَ جي ٻي شادي هدايتڪار ڪيفي سان ٿي. هن جون سنڌي فلمون: ’جيجل ماءُ‘، ’پيار ڪيو سينگار‘، ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘، ’منهنجو پيار پُڪاري‘، ’سنڌڙيءَ تان صدقي‘، ’اچ ته ڀاڪر پايون‘ ۽ ’رت ۽ اجرڪ‘ مشهور ٿيون. سندس اردو ۽ پنجابي فلمن ۾: ’مولا جٽ‘، ’هيرا ڦيري‘، ’ڪونج‘، ’ٽڪراءُ‘، ’دنگل‘، ’پرمٽ‘، ’بدمعاشي بندا‘ وغيره ڪامياب فلمون ڳڻي سگهجن ٿيون. جن اداڪارن سان هن ڪم ڪيو، تن ۾: مشتاق چنگيزي، ڪيفي، سلطان راهي، مصطفيٰ قريشي، بدر منير، شاهد، محمد علي، يوسف خان، محي الدين، انجمن، صائمه، راني، آسيه، نغمه ۽ عاليه خان اچي وڃن ٿا.
چڪوري، 2 نومبر 2010ع تي لاهور ۾ گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.


لفظ چڪوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2010.11.02  عيسوي

چڪوري، 2 نومبر 2010ع تي لاهور ۾ گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڊيٽر
سراج ڪمانگر
تيجو مل خانچند لڌاڻي
حڪيم غلام محمد شاهاڻي
جتوئي مسرور احمد خان
جارج-5
ڀڳت نارو مل
حاجي غلام قادر ڪنڀار
جعفر علي خاصخيلي ناچيز
سليم مگسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون