سنڍِپَڻَو

سَنڍِپَڻَو (Sterility, Infertility): جوڙي جي شاديءَ کانپوءِ پاڻ ۾ گڏ رهڻ جي باوجود به ٻار (Ofspring) نه ٿئي، ته ائين سمجهڻ گهرجي ته عورت ۾ ڳڀ جهلڻ (Conceive) يا مرد ۾ عورت کي گرڀوتي ڪرڻ (Induce Conception) جي صلاحيت نه هجڻ کي سَنڍِپَڻو چئبو آهي. مجموعي طور هڪ مشاهدي موجب سنڍپڻي جي ڪارڻن جو پنجاهه سيڪڙو سنڍپڻو عورتن ۾ ٿئي ٿو ۽ پنجويهه سيڪڙي جو واسطو مردن سان آهي جڏهن ته باقي پنجويهه سيڪڙي جو واسطو (ٻنهي) زال مڙس وچ ۾ سندن ازدواجي زندگي، سماجي حالتن، گهريلو مسئلن، صحت، جنسي زندگيءَ جي طريقه ڪار ۽ ان کان اڻ ڄاڻائي، جنمي عضون جي پيدائشي نقص، نفسياتي، جنسي ۽ جسماني بيمارين سان آهي.
(1) عورتن (Females) ۾ سنڍپڻي جا سبب:
(I) ٻيجڻين Ovaries/ Oophors جون بيماريون: جيئن ڪنهن به عورت کي پيدائشي (Congenital) ٻيجڻيون نه هجن، ٻيجڻين مان مادري ڪچي تخمي ٻيجي (OVA) جي پختي ٿيڻ (Ovum) کانپوءِ مقرر وقت تي نڪرڻ جو عمل (Ovulation) ٿي نه سگهي. جنهن جا گهڻائي سبب آهن جيئن ٻيجڻيون پيدائشي ننڍيون هجن يا سُسُي (atrophy) وڃن، يا ٻيجڻين ۾ پيدائشي بڻاوتي نقص (Hypoplasia) هجي يا وري ان جي واڌ ويجهه ۾ نقص (Aplasia of Oophrons) هجي، جنهن کي (Turners Syndrome) به چئبو آهي. ٻيجڻين جو ناقص فعل (Defective Function) جنهن جي ڪري مادري پختو ٻيجو (Ovum) ٻيجڻين مان نه نڪرندو آهي يا وري هر هر ٻيجايو نڪرڻ ڪري مرداني تخمي ٻيجي (Spermatazoa) ساڻ ٻُوڪجي (Fertile) ناهي سگهندو. ٻيجڻين جي جراحي (Oophorectomy) ڪري ڪڍي (Excision) ڇڏجي. ٻيجڻين ۾ پاڻياٺي ڳوڙهيون (Oophorocystosis/Polycyst)، رسوليون Ovarian Tumor، ٻيجڻين جا گومڙ (Oophoroma) وغيره هجن. تنهن کانسواءِ ٻيجڻن مان رت وهندو Oophorrhagia رهي جنهن جو سبب ٻيجڻين ۾ سور ڪري ڦاٽي (Burst) پوڻ يا وري ٻيجڻين جي جراحي ڪرڻ.
(II) ڳڀ/ ٻيجڻي ناليون (Utrine/Fallopian tubes) بند (Obstruct) هجن جنهن جو گهڻي ڀاڱي سبب جنمي عضون جون روڳي بيماريون (Pelvic inflammatory Diseases (PID)، ڪنهن ڌڪ لڳڻ(Traumatic Injury)، ڪري يا ٻيجايو حمل Ectopic Pregnancy ڪري ڳڀ نالي ڦاٽي پوي. لُنڊي آنڊي (Appendix) جي ڦاٽي پوڻ يا ان جي جراحي ڪرڻ. تنهن کانسواءِ وڏي آنڊي جو ڦٽ (Colon Ulcer) وغيره.
(III) ڳڀيرڻ (Utrus) جون کوڙ بيماريون: پيدائشي ٻچي داني نه هجي، ٻچيدانيءَ جي بڻاوت ۽ بيهڪ ۾ نقص هجي. ڳڀيرڻ سُسُي (arophy) وڃي، ڄائي ڄم کان ٻچي داني ننڍي هجي، ڳڀيرڻ اُٿلي پوي (inversion) ڳڀيرڻ سن ٿي وڃي (inertia) ڦلهڙي ۽ ڪمزور ٿي (atonic)، هيٺ لهي اچي يا مادري رستي کان ٻاهر نڪري پوي (Prolapsus) يا ڦاٽي (Rupture) پوي. ڳڀيرڻ ۾ گوشت جا لوٿڙا (Moles) هجن، رسولي (Fibriod) گومڙ/گلٽيون (Utrotumours) هجن، ڳڀيرڻ ۾ اجائي غير طبعي واڌ
(Growth) هجي، تنهن کانسواءِ ڳڀيرن جي گهڻين مهلڪ بيمارين ڪري جراحي (Urotomy) ڪئي وڃي جيئن مهلڪ رسوليون (Fibroiods) گومڙ Malignant Tomours غير طبعي واڌ Growth يا ڪينسريائي واڌ (Cancerous Growth) ڳڀيرڻ جي تهه (Endometrium) ۾ پراڻو (Chronic) سور ۽ سوڄ (Endometritis) هجي. ٻچي دانيءَ جي تهه Endometrium کي جوڙيندڙ اوڄا (Connective Tissues) ڳڀيرڻ جي بدران نهائين يا ڪنهن ٻئي جنمي عضون ۾ ڳنڍيل هجن.
(IV) ڳهڻ (Cevix) جون بيماريون: جيئن ڳهڻ جو رستو بند هجي، يا ڳهڻ مان تيزابي سُتُ (Mucus) رسندو رهي جنهن جي ڪري مرد جا جنمي جيوڙا مري وڃن يا اهڙا ڪمزور ٿي پون جو چُرڻ جي لائق نه رهن ۽ ڳڀ ناليءَ تائين پهچي نه سگهن.
(V) ڪنوارپ جو پردو (Hymen): ڪڏهن ڪڏهن هي پردو ايترو ته سخت هوندو آهي جو شاديءَ کانپوءِ گهڻن سالن تائين ٽٽي ناهي سگهندو جنهن جي ڪري مرد جا جنمي جيوڙا ڳڀ ناليءَ تائين پهچي ناهن سگهندا. هن پردي کي هٽائڻ لاءِ معمولي آپريشن ڪيو ويندو آهي.
(VI) هٿرادو بک ڪاٽڻ (Anorexia Nervosa) ڪي عورتون جسم جو وزن يا ٿولهه (Obesity) گهٽائڻ لاءِ هٿرادو بک ڪاٽڻ لاءِ ماني کائڻ ڇڏي ڏينديون آهن.
(VII) پرميل (Gonorrhoea): هن بيماريءَ ۾ ورتل عورت جيڪڏهن سُتت علاج ڪرائي بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪيو ته اها عورت سڄي عمر لاءِ سَنڍ رهجي ويندي آهي.
(VIII) ملي/ڳرهارو (Mumps): جيڪڏهن پڪ پيدا ڪندڙ غدودن (Salivery /Parotid Glands) ۾ سور ۽ سوڄ جي هيءَ بيماري
ملي/ڇالي/ ڳرهاري عورت کي جواني خاص ڪري ڪنوارپ ۾ ٿئي ته ان جو ابتو اثر عورت جي ٻيجڻين تي ٿيندو آهي جو مادري تخمي ٻيجو ناقص ٺهندو آهي ۽ عورت کي تاحيات ٻيجڻين ۾ سور ۽ سوڄ ساڙو (Inflammation) ٿي پوندي آهي. تنهنڪري هن بيماريءَ جو سست علاج ڪرائڻ گهرجي.
(IX) آسپاس جو ماحول (Environment): عورت جي ارد گرد جو ماحول خاص ڪري نئين ڪنوار لاءِ ماحول اڻ وڻندڙ هوندو ته ذهن تي وزن (Stress) پوندو آهي، پريشاني ۽ صدمي جو ماحول جڙي پوندو آهي، تنهن ڪري عورت جو سَنڍ ٿيڻ پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن کيس اميد واري ٿي ته به ڪن حالتن ۾ (سدائين) ٻار ڪُهائي (Abrotion) ٿي ويندو آهي ۽ اهڙو حادثو عورت کي گهڻو ڪري اميد واريءَ جي ٽئين مهيني ٿيندو آهي.
(X) دوائن جو اثر (Drugs Effect) کوڙ اهڙين دوائون آهن جن جي واپارائڻ ساڻ اهڙو ابتو اثر ٿئي ٿو جو عورتون سنڍ ٿي وڃن ٿيون اهڙين دوائن ۾ (1)Tricyclic Antidepressents، (2)Phenothiazine،
(3)Methyledopa، (4) Digoxin ۽ (5) Reserpine وغيره.(2) مردن (Males) ۾ سنڍپڻي جا سبب:
(I) خصين/ آنورن (Tests) جون بيماريون: جيئن ڪنهن مرد کي پيدائشي آنورا Testsemia نه هجن يا پيدائش کانپوءِ آنورا هيٺ خصين جي ڳوٿري/ٿيلهي (Scrotum) ۾ نه لهن (Aberratio a Tests) آنورا بلڪل ننڍا هجن (Testicularatrophy) جن جي يا ته واڌ ويجهه ٿي نه سگهي يا سُسُي ننڍا ٿي وڃن. آنورن ۾ گومڙ يا ڪا غير طبعي واڌ ٿيڻ ڪري جراحي ڪري آنورن کي ڪڍيو ويو هجي. آنورن ۾ يا خاص ڪري آنورن جي ٿيلهيءَ ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جي بيماري (Hydrocele) جنهن جي ڪري آنورن جي ٿيلهي وڏي ٿي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن آنورن جي ٿيلهي ايڏي وڏي ٿي ويندي آهي جو ان جي جراحي ڪري ڪڍي (Incision) ڇڏبي آهي. ڇِن (Hernia) ۽ خصين ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ
(Hydrocele) جي ٻنهي صورتن ۾ خصيا وڏا ٿي ويندا آهن، پر ٻنهي جي علامتن ۾ فرق اهو آهي ته ڇن دوران آنورن ۾ سور ٿيندو آهي، جڏهن ته خصين ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري خصيا ڪيترا به وڏا ٿي وڃن، پر سور ناهي ٿيندو. آنورن ۽ آنورن جي ٿيلهيءَ جون نسون سُڄي وڏيون ۽ (ويڪريون) ٿي (Vericose Veins) وينديون آهن. تنهنڪري خصين ۾ سور به ٿيندو آهي ۽ اندر گرمي (Heat) به پيدا ٿيندي آهي خصين ۾ اندر گرمي پيدا ٿيڻ ڪري مني Semen گهٽ ٺهندي (Oligo Sperma) آهي يا بلڪل ڇڊي ۽ ناقص ٺهندي آهي، جنهنڪري مرد جي تخمي ٻيجي جي پيدا ٿيڻ تي وڏو اثر پوندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته مرد جو تخمي ٻيجو ٺهندو ئي ناهي. تنهن کانسواءِ آنورن ۾ پراڻي سوڄ ۽ سور جي بيماري (Orchitis) جنهن جو گهڻي ڀاڱي جواني ۾ ڳرهاري/ مليءَ جي بيماري (Mumps) وغيره يا آنورن جون مهلڪ بيماريون جيئن آنورن جي سلهه، سفلس ۽ مهلڪ رسولي/گومڙ يا ڪينسريائي واڌ، مردن ۾ سنڍپڻي جو سبب بڻبا آهن.
(II) ڄائي ڄم کان مرد جي منيءَ ۾ مرد جو تخمي ٻيجو Spermatazoa نه هجي (Spermaemia) يا بلڪل گهٽ هجي (Spermacrasia) جنهن جو سبب اهي سڀئي ڪارڻ آهن، جيڪي مٿي خصين/ آنورن جي بيمارين ۾ ڏنا ويا آهن يا وري هيٺ منيءَ جي بيمارين ۾ ڏنا ويندا.
(III) منيءَ جي ڪا به بيماري (Spermato pathy) جيئن مني گهٽ ٺهڻ، ناقص ٺهڻ، جماع کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ مني نه نڪري جو منيءَ جي نالي بند هجي (Sperm atom praxis) يا وري مني جي نالي ۾ ڳوڙهي Spermatocyst يا ڪا واڌ هجي.
(IV) مردن ۾ ڄائي ڄم کان منيءَ جي نالي (Vasdefrens) نه هجي، منيءَ جي نالي ۾ دائمي سور، سوڄ Spermatitis ۽ سوزش هجي.
(V) مرداني (آلت) جي بڻاوت ۾ نقص هجي جنهن ۾ مرداني عضوي جي هيٺان سوراخ (Hypospadias) هجي جنهن ڪري جماع کانپوءِ مني هيٺ خارج ٿئي ۽ عورت جي مادري رستي تائين نه پهچي.
(VI) نامردي (Impotency) مرد جماع جي لائق نه هجي، يا ڄائي ڄم کان نامرد (Eunuch) هجي يا وري کيس سرعت انزال (Pre-ejeculation) جي بيماري هجي جنهن ڪري مرد عورت ساڻ ملڻ سان يا اڳ ۾ فارغ ٿي وڃي.
(VII) مثاني جي غدود (Prostrate Gland) جي آپريشن کانپوءِ مرد جي منيءَ جو اخراج ٻاهر ٿيڻ بدران مثاني (Bladder) ۾ اندر ٿئي (هيءَ حالت ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي).
(VIII) پرميل (Gonorrhoea) جي بيماريءَ ۾ ورتل مرد جيڪڏهن سُتت علاج ڪرائي بيماري مان ڇوٽڪاروحاصل نه ڪيو ته مرد سڄي عمر لاءِ سنڍ رهجي ويندو آهي.
سنڍپڻي جا قسم: Typef of Sterility:
(1) Absolute Sterility: مڪمل لياقت/ سگهه نه هجي جو ٻار
(Offspring) پيدا ڪري سگهجي (پيدا ڪرڻ جي سگهه به نه هجي) نه ئي سنڍ پڻي جو (جوڙي) علاج ڪرايو هجي.
(2) Female Sterility: عورت ان لائق نه هجي جو ٻار پيدا ڪري سگهي جنهن جا سبب مٿي عورت جي سنڍپڻ ٿيڻ ۾ ڏنا ويا آهن، جن سببن ڪري عورت ڳڀ جهلي نه سگهي.
(3) Male Sterility: مرد ان لائق نه هجي يا مرد ۾ اها لياقت نه هجي جو عورت جي مادري ٻيجي کي ٻوڪي سگهي. جنهن جا سبب مٿي مرد جي سنڍپڻي ۾ ڏنا ويا آهن.
(4) Primary Sterility: اهڙو سنڍپڻو جنهن ۾ جوڙي جي ڪڏهن به ٻار ساڻ جهولي ڀري (Conception) نه هجي.
(5) Secondary Sterility: اهڙو سنڍپڻو جنهن ۾ جوڙيءَ کي شادي کانپوءِ رڳو هڪ ئي ٻار ٿيو هجي باقي عمر جوڙو سنڍ هجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو