سحري

سحري: رمضان جي فرض يا ڪنهن نفلي روزي رکڻ جي ارادي سان سحر ٿيڻ مهل يا صبح صادق کان اڳ ۾ جيڪي ڪجهه کاڌو يا پيتو وڃي، تنهن کي ’سحري‘ چئبو آهي. سحري کائڻ سنت به آهي ۽ ان ۾ برڪت به آهي. حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سحريءَ بابت ارشاد فرمايو ته سحري کائيندا ڪريو، جو اُن ۾ برڪت ۽ ثواب آهي. توڙي جو بُک نه هجي تڏهن به ٿوري مِٺي شيءِ، کير يا گهٽ ۾ گهٽ پاڻي (جو ڍُڪ) پيئڻ گهرجي. پاڻ ڪريم صه جن وڌيڪ فرمايو ته سحريءَ جو کاڌو پيتو سارو ئي برڪت آهي. برڪت مان مراد هي آهي ته سحري کائڻ کان پوءِ روزيدار کي ڏينهن جو ڪم ڪار ۽ عبادت ۾ ڪمزوري محسوس نه ٿيندي بلڪ آساني ٿيندي.


لفظ سحريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو