سانڊو

سانڊو

سانڊو

سانڊو

سانڊو

سانڊو (Spiny Tailed lizard/ Uromastyx Hardwickii): هي سانڊي جو عام قسم آهي، جنهن جو رنگ گهرو سرمائي ٿئي ٿو. هنن جو پيٽ هلڪو سرمائي ٿئي. ننڍڙوگول مٿو، چپترو بت، پڇ تي ڪنڊيدار ڇلرن جهڙا گهنج ٿيندا آهن. عام طور، عمودي ٻرن ۾ رهي ٿو ۽ اڌ جسم ٻِر مان ڪڍي ٻاهر پيو ڏسندو آهي ۽ خطرو محسوس ڪندي ئي اندر گهڙي ويندو آهي. هي گاهه خور آهي. سانڊي جي چرٻي وغيره مان حڪيم تيل ڪڍي وڪڻندا آهن.
ست رنگو/ باغبان سانڊو Common Garden Lizard (Calotes Versicolour): هي سانڊي جو هڪ قسم آهي، جنهن جو مٿو وڏو ۽ بيضوي ٿئي ٿو. ان جو اڳيون ڌڙ پوئين ڌڙ جي ڀيٽ ۾ ڪنهن حد تائين وڏو ٿئي ٿو ۽ پٺيءَ ۽ ڪنڌ تي ڪنڊيدار ڇلر ٿيندا اٿس. ٽنگون ۽ ٻانهون سنهيون، پر مضبوط اٿس. اڪثر وڻن جي ٽارين تي ويٺل يا هلندو نظر ايندو آهي. مڪڙ ۽ ٻيا جيت وڏي شوق سان کائيندو آهي، جيتوڻيڪ تيز ڊوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان هوندي به بازن/ ڪئامارن ۽ نانگن جو شڪار ٿي ويندو آهي. هي سانڊو ڪافي محتاط رهندو آهي ۽ ٽارين کي مضبوطيءَ سان جهلي ڪنڌ مٿي کڻي هلندو آهي، جسم جو رنگ بدلائيندو رهندو آهي. ڪنڌ هيٺ مٿي ڌوڻيندو ۽ ڳلو ڦوڪيندو آهي. هن جو عام رنگ سرمائي، ناسي يا پِيلو ٿئي ٿو، پر اهو پنهنجو رنگ بدلائي سائو ڳاڙهو به ٿي سگهي ٿو. جڏهن نر سانڊو موج ۾ هوندو آهي ته ان جي منڍي رنگ بدلائي ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. ’ست رنگو سانڊو‘ سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ عام آهي ۽ ميدانن، جابلو ڪنڌين ۽ باغن ۾ نظر ايندو آهي. مادي هڪ وقت ۾ 10 کان 25 تائين آنا ڏئي ٿي. سنڌيءَ ۾ عام پهاڪو آهي ته: ”فلاڻو سانڊي وارا رنگ پيو مٽائي.“


لفظ سانڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو