زيلف

زيلف (راڳڻي): ڀيرو ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي، جنهن جي امروهيءَ ۾ رکب ورج آهي. هي راڳ پراڻن ڪتابن ۾ ڪو نه ٿو ملي ۽ مسلمانن جي ايجاد آهي. روايت آهي ته هن راڳڻيءَ جو موجد امير خسرو آهي. هي مشر ميل راڳڻي آهي. ان جي اترانگ ۾ ڪا لنگڙي ۽ ڀيرو جا انگ نظر اچن ٿا. ڪن پنڊتن جو چوڻ آهي ته هن راڳڻيءَ ۾ جونپوري ۽ کٽ به شرڪت ڪن ٿيون. هن راڳڻيءَ کي ڀيرو کان الڳ رکڻ لاءِ رکب جو سر گهٽ استعمال ڪرڻو پوندو آهي.
پلٽو : گي- سا- را گي- ما سا- گي گي پا- ڌا ڌا- ما پا- گي ما سا
آروهي: سا را گي ما پا ڌا ني سَا
امروهي: سا ني ڌا پا- ڌا ما پا- گي ما سا
وادي سُر: ڌيوت
سموادي سُر: گنڌار
سمو: ڏينهن جو پهريون پهر


لفظ زيلفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو