پوربي1

پوربي1 (ٺاٺ): پراڻن سنگيت گرنٿن ۾ پوربي ٺاٺ کي ورڌني ميل ڪري لکيو ويو آهي. هي ٺاٺ ڀيرو ٺاٺ ۾ مڌم شڌ جي جاءِ تي مڌم تيور شامل ڪري ٺاهيو ويو آهي. اُن جا سُر هي آهن:
سا- را- گو- مي- پا- ڌا- نو- سا
کرج- رکب ڪومل- گنڌار تيور- مڌم تيور- پنچم-
ڌيوت ڪومل- نکاد تيور.
هن ٺاٺ جون راڳڻيون: پوربي، گوري، ريوا، بڀاس، ديپڪ، تربيني، مالوي، ٽنڪيڪا، سري راڳ، جيت سري، بسنت، پرچ، ڌناسري، پور يا ڌناسري ۽ هنس نارائڻ آهن.
غور سان معلوم ٿيندو ته پوربي ۽ ڀيرو ٺاٺ ۾ صرف هڪ مڌم جو فرق آهي. جيڪڏهن ڀيرو ٺاٺ ۾ شڌ مڌم جي جاءِ تي تيور مڌم هڻبو ته ’پوربي ٺاٺ‘ ٺهي پوندو. هن ٺاٺ ۾ جيڪي به راڳ آهن. سي ٻن طريقن سان ڳاتا وڃن ٿا: هڪڙا پوربي انگ سان ۽ ٻيا سري انگ سان. جي راڳ پوربي انگ سان ڳاتا وڃن ٿا، تن ۾ هميشه نکاد ۽ گنڌار جي سنگت رهي ٿي، جيڪي راڳ سري انگ سان ڳاتا وڃن ٿا، تن ۾ پنچم ۽ رکب جي سنگت رهي ٿي، پراڻن شاسترن ۾ هن کي رام ڪريا جي نالي سان به لکيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو