شهانا

شهانا (راڳ): هيءُ راڳ سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي ٺاٺ جو کاڊو سمپورن يعني ڇهن ۽ ستن سرن جو راڳ آهي. هن راڳ جي آروهيءَ ۾ ڇهه سر ۽ امروهيءَ ۾ ست سر استعمال ۾ آڻبا آهن. هي راڳ مسلمان نائڪن جي ڪاوشن سان ٺهيل راڳ آهي ۽ هن راڳ جو ڪجھه روپ شاهه لطيف جي سرن سان به لاڳو آهي. هن راڳ جو پهر رات جو رکيل آهي، انهيءَ راڳ جي وادي سر پنچم (پا) آهي. انهيءَ راڳ جي شڪل آڙانه سان گھڻو ملندي آهي. شهانا جي امروهيءَ ۾ ڌيوت کي هلڪي رنگ ۾ استعمال ڪرڻ سان آڙانه کان مختلف ٿي پوي ٿو. انهيءَ راڳ ۾ گنڌار جو سر لڳائڻ سان هي راڳ سارنگ کان به الڳ ٿي پوي ٿو. شهانا راڳ ۾ ڌيوت (ڌا) جو سر ورجاءُ ٿيڻ ڪري ڪافي کان به الڳ ٿي پوي ٿو. شهانا راڳ جو روپ درٻاري ۽ مينگھه سان ملندڙ جلندڙ آهي.
آروهي: سا- ري- ما- پا- نا- سا
امروهي: سا- نا- ڌي- پا- ما- پا- گا- ما- ري- سا.


لفظ شهاناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو