رودنتي

رودنتي: رودنتي چڻن جي ٻوٽيءَ وانگر هڪ ٻوٽي آهي، جنهن جي پنن جي پٺ آسمان طرف ۽ منهن ڌرتيءَ طرف ٿئي ٿو. هن ٻوٽيءَ جا پن گهاٽا ۽ ٽاريون نرم ٿين ٿيون، جن تي هلڪي پشم ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جيڪا اُس تي چمڪندي آهي ۽ ان مان هميشه رس ٽمندي آهي. هن ٻوٽيءَ جي هيٺان زمين سڻڀي ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ ان تي سدائين ماڪوڙيون گڏ ٿيل هونديون آهن. هن جو گل واڱڻائي چٽ تي اڇو ٿئي ٿو. هيءَ ٻوٽي رنگ ۾ سائي ڀوري ۽ ذائقي ۾ خوشگوار ٿئي ٿي. حڪيمن چواڻي هيءَ معدي کي نرم ڪندڙ، هاضمو وڌائيندڙ، بک لڳائيندڙ، قوت باهه وڌائيندڙ، دماغ کي فرحت ۽ اندرين عضون کي طاقت رسائيندڙ، جريان هٽائيندڙ بدن ٿلهو ڪندڙ آهي. زهريلن جانورن جي زهر کان هن کي واوڙنگ سان ملائي ڏنو ويندو آهي.


لفظ رودنتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو