روبرو

روبرو

روبرو

روبرو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ويهين صديءَ جي هڪ اهم سنت گرو رجنيش جي زندگيءَ ۽ فلسفي تي آڌاريل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪا رجنيش اوشوءَ جي زندگيءَ ۽ فلسفي کي 29 مختلف مضمونن ۾ ورهايو آهي. ان کان سواءِ گوتم ٻڌ، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، گرونانڪ ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڪيل تصوراتي رهاڻيون پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن. ڪتاب ۾ گرو رجنيش جو ذڪر ڪجهه سوايو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ليکڪا جي چاچي پروفيسر منگھارام اڌارام ملڪاڻيءَ جي نانءِ ڪيل آهي.
ڪتاب جو پيش لفظ خود ليکڪا جو لکيل آهي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر قاضي خادم، تاج جويي، رکيل مورائي، اياز عالم ابڙي، الطاف ملڪاڻي ۽ وفا مولابخش جا ڪتاب بابت رايا به شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان 120 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون ڇاپو، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد سال 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ روبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو