ذوالقعد

ذوالقعد: ذوالقعد اسلامي هجري سال جو يارهون مهينو آهي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ جن مهينن جي حرمت جي واکاڻ ڪئي آهي. ذوالقعد انهن مان هڪ آهي. عرب هن مهيني ۾ جنگ کان پاسيرو رهندا هئا، ان ڪري هن مهيني جو نالو ذوالقعد (قُعود: ويهڻ) يعني ويهڻ وارو رکيو ويو. اڪثر مسلمان هن مهيني ۾ حج لاءِ حرمين شريفين ويندا آهن. حضرت موسيٰ ڪليم الله ڪوهه طــُور تي الله تعاليٰ جي حڪم سان جيڪي چاليهه ڏهاڙا روزي ۽ عبادت ۾ گذاريا، تن مان 30 ڏينهن ذوالقعد ۽ ڏهه ڏينهن پهريان ذوالحج جا هئا. حضرت ابراهيم خليل الله ۽ اسماعيل ذبيح الله، ڪعبة الله جو بنياد ذوالقعد جي پنجين تاريخ تي رکيو. حضرت يونس عليه السلام چوڏهين ذوالقعد تي مڇيءَ جي پيٽ مان نڪتو. حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هڪ عمري کان سواءِ ٻيا سڀ عمرا ذوالقعد ۾ ادا ڪيا. بيعة الرضوان 6 هجريءَ ۾ هن مهيني ۾ ٿي، ان سال مڪي جي ڪافرن عمري ڪرڻ کان کين روڪيو ۽ پاڻ حديبيه جي مقام وٽ پنهنجي جان نثار صحابه ڪرام کان وفاداريءَ جو عهد ۽ اقرار ورتائون. هن ئي مهيني جي يارهين تاريخ تي حضرت امام علي رضا عليه السلام جي ولادت ٿي. هن ئي مهيني جي 27 تاريخ 998هه تي سنڌ جي ڪامل ولي حضرت مخدوم نوح سرور رح وفات ڪئي.


لفظ ذوالقعدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو