حديبيه

حديبيه

حديبيه

حديبيه: عربستان جو هڪ هنڌ، جتي 628ع ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ قريشن جي وچ ۾ صلح نامو ٿيو. هي علائقو مڪي کان 30 ميلن جي مفاصلي تي پهاڙين جي خاتمي واري هنڌ آهي. اسلام جي ابتدائي ڏينهن ۾ هتي هڪ کوهه موجود هوندو هو، جيڪو حاجين ۽ مسافرن جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو هو. هتي هڪ وڻ به موجود آهي، جنهن جي هيٺيان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم اصحابين کان جان نثاريءَ جو واعدو ورتو هو، ان ڪري ان وڻ کي هينئر وڏي اهميت حاصل آهي. هن هنڌ بابت قرآن شريف ۾ آيل آهي ته: ”اي رسول! جيڪي ماڻهو تو سان بيعت ڪري رهيا هئا، اهي اصل ۾ الله سان بيعت ڪري رهيا هئا، انهن جي هٿ تي الله جو هٿ هو ۽ هاڻي جيڪو ان واعدي کي ٽوڙيندو، ان جي واعدي خلافيءَ جو وبال ان جي ذات تي پوندو ۽ جيڪو هن واعدي سان وفا ڪندو، ڄڻ ان الله سان وفا ڪئي ۽ الله تمام جلد ان کي وڏو اجر ڏيڻ فرمائيندو.“
هن هنڌ تي ڪنهن به آبادي وغيره جا نشان موجود ناهن. اڄڪلهه هيءَ جڳهه پوليس جي چوڪيءَ طور ڪتب اچي ٿي. رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم پاران صلح حديبيه جهڙو معاهدو هن هنڌ تي ٿيڻ ڪري هن جاءِ جي وڏي اهميت آهي.


لفظ حديبيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو