جمالي مصري خان

جمالي مصري خان

جمالي مصري خان

جمالي، مصري خان: بينن (الغوزي) وڄائڻ جو بادشاهه، ڪلاڪار مصري خان جمالي 1921ع ۾ رونجھاڻ ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ان جي وقت ماحول موجب ڪا خاص تعليم حاصل نه ڪري سگھيو، پر کيس ساز ۽ آواز سان ننڍپڻ کان وٺي لڳاءُ هو. ڪجهه عرصي بعد هيءُ نوابشاهه ۾ لڏي اچي ويٺو ۽ سندس سموري حياتي نوابشاهه شهر ۾ ئي گذري. مصري خان جماليءَ پنهنجي فن جو مظاهرو سنڌ، پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪري نالو ڪڍيو، شروع ۾ سنڌ جي مکيه درگاهن تي ڳائيندو هو. ان کان پوءِ ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تي کيس فن پيش ڪرڻ موقعو مليو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته مصري خان جمالي بينن جي فن جو پهريون استاد هو. سندس شاگردن ۾ نبي بخش بروهي، محمد عرس ڀٽي، حاجي خان چانڊيو ۽ حافظ گل محمد شامل آهن. هن 1977ع ۾ هن حڪومت پاڪستان پاران حسن ڪارڪردگي تمغو حاصل ڪيو. هنن بينن جي فن کي جھنگ مان ڪڍي شهرن ۾ آندو ۽ بينن کي ضابطي ۾ رکڻ واري مد ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. هن پاڪستان جي ڪيترن ثقافتي وفدن سان گڏجي ڪيترن ملڪن جو دؤرا ڪيا. مصري خان جمالي بلند پايي جي موسيقارن مان هو. 20 آڪٽوبر تي دماغ جي رڳ ڦاٽي پوڻ ڪري کيس نوابشاهه جي سول اسپتال اندر داخل ڪيو ويو، جتان کيس سنڌ جي گورنر ايس ايم عباسيءَ جي چوڻ تي ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو ۽ سندس سرڪاري علاج ڪرايو ويو، پر 10 نومبر 1980ع تي،لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پوين ۾ سندس ڀائيٽو غلام نبي جمالي الغوزو وڄائي ٿو، جيڪو پڻ ريڊيي ۽ ٽي ويءَ جو سٺو الغوزي نواز آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.00.00  عيسوي

مصري خان جمالي 1921ع ۾ رونجھاڻ ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .


1980.11.10  عيسوي

مصري خان 10 نومبر 1980ع تي ، لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسرت موهاني مولانا
جلال الدين سنڌي
شورو ڄام خان
سنت هريداس
چاند بيبي
بيگم ممتاز راشدي
پسند علي عاصي
بابل خان جکراڻي
اقبال ترين
احمد سومرو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون