جئسنگاڻي

جئسنگاڻي: جئسنگهاڻي ذات جا هندو گهڻي ڀاڱي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رهن ٿا. اصل راجپوتانا کان آيا هئا. جڏهن 12-1811 ۾ راجپوتانا ۾ سخت ڏڪار پيو هو ته اهي سنڌ ۾ آيا ۽ ڳوٺ طبيب تعلقي رتيديري کان ڏيڍ ڪوهه پرڀرو خانواهه ۾ زمينون خريد ڪري ٻني ٻارو ڪرڻ لڳا. 1850ع ڌاري خانواهه ۾ ٻوڏ آئي ته منجهانئن ڪي رتيديري ته ڪي ڳوٺ طيب ۾ زمينداري ڪرڻ لڳا. ائين جئسنگهاڻين جون ٻه شاخون ٿيون، هڪ رتيديري وارا جئسنگهاڻي ۽ ٻيا طيب وارا جئسنگهاڻي. هي ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ۾ آيا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو