بينڊ

بينڊ: اسان وٽ برطانوي دور ۾ آيو . هن ۾ ڪنجهي ۽ پتل جي ٿالهين کانسواءِ ڪلارنٽ ۽ مختلف قسمن جا ڊرم شامل هجن ٿا . هي اصل فوجي قسم جو ساز آهي . هن جا موجد مسلمان چيا وڃن ٿا ، جن صليبي جنگين ۾ هن کي ايجاد ڪيو . پوءِ يورپي لوڪ متاثر ٿيا ۽ پاڻ به بينڊ کي رواج ۾ آندائون . هن ۾ هڪ اڳواڻ هوندو آهي ، جنهن کي وڏي لٺ هٿ ۾ هوندي آهي . جيڪو ان لٺ سان مختلف اشارا ڪري پويان هلندڙ سازندن کان طلب جي ڌن وڄرائيندو آهي . اسان وٽ هاڻي شادين مرادين ۾ بينڊ جو رواج آهي . اصل ۾ بينڊ هڪ قسم جو دهل آهي ، جنهن جو صرف مٿيون پاسو ڏونڪن سان وڄائبو آهي ۽ ٻيا ساز جيئن بيگ پائيپ ، ڪلارنٽ وغيره سنگت ڪن . هن جو وڄڻ جوش ڏيارڻ جو ڪم ڪري ٿو .


لفظ بينڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو