اوڏ

اوڏ: هي قديم ماڻهو ”دراوڙ“ نسل مان آهن ۽ گهڻو ڪري گڏهن تي مٽي کڻڻ ۽ ڀتين جوڙڻ جو ڪم ڪندا آهن. سندن انهيءَ ڪم کي ”اوڏڪو ڪم“ چوندا آهن. سنڌ ۾ اوڏ مسلمان به آهن ته غيرمسلم به. راجپوتن وانگر هن نسل جون به نکون آهن. مثلاً راٺوڙ، پرمار، چوهاڻ ۽ ڀٽي وغيره. هنن جو پير رامڏيوُ آهي. اوڏن سان منسوب ڪيترائي ڪردار لوڪ ادب جو حصو آهن.
هيءَ هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي اڻ ڄاتل خاندان مان آهن. ڪن عالمن جو خيال آهي ته هي سنڌ جا پراڻا راهواسي آهن. ٿي سگهي ٿو دراوڙي نسل جا هجن.
سنڌ ۾ اوڏ هنرمند، عمارت ساز آهن. ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. هاڻي هنن وٽ تعليم به ڪافي آهي. جيئل اوڏ مشهور سنڌي اديب آهي. اوڏ چون ٿا ته اوڙيسا هندوستان وارو خطو اصل ۾ اوڏر ديس آهي. سندن اصل ٻولي اوريائي آهي. جي ائين آهي ته هي اصل شايد دراوڙ آهن. هي 80 سيڪڙو سنڌي ۽ 10 سيڪڙو اردو ڳالهائين ٿا .


لفظ اوڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو