اوٺي1

اوٺِي (مڇي):هيءَ ننڍڙي مڇي 18 سينٽي ميٽر، ڊيگهه تائين عام ڏٺي وئي آهي. نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. سڄي ايشيا ۾ خاص ڪري پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال ۾ ملي ٿي. اها مٺي پاڻيءَ ۽ ڊيلٽا جي ٻاڙي پاڻيءَ ۾، ماٺي وهڪري ۾ ملي ٿي. نديون، ڍنڍون يا تلاءَ ان جو مسڪن آهن. اوٺِي جا ٻه قسم آهن، هڪ اڇو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Large rezorbelly minnow چون ٿا ۽ سائنسي نالو Salmostoma bacaila اٿس. ان جو رنگ پيلاڻ مائل اڇو ٿئي ٿو. اها سنڌ ۾ ڊيلٽا جي سطح کان وٺي نيپال ۾ 5750 فٽن جي بلنديءَ تي به ڏٺي وئي آهي. ننڍڙي هئڻ ڪري کاڄرو نه آهي، ماحول ڦٽڻ ڪري سنڌ ۾ گهٽجندي پئي وڃي. پاڻ بي ضرر آهي، پاڻيءَ جي سطح تي موجود لاروا ۽ جيت کائي ٿي. بنگال ۾ ان کي ڇيلا ۽ ڪٽاري به چوندا آهن.

اوٺِي جو ٻيو قسم ڪارو اوٺي سڏبو آهي، ان جو رنگ سرمائي ٿئي ٿو، پڇ به اڇي اوٺيءَ وانگر ٻه ڦاڪو پر ڪارو هوندو اٿس. سائنسي لحاظ کان ’ڪارو اوٺي‘، اڇي اوٺيءَ جي ڪٽنب ۾ شامل نه آهي، ان کي انگريزي ۾ Gora chela ۽ سائنسي دنيا ۾ Securicula gora چوندا آهن. ڪارو اوٺي 24 يا 25 سينٽي ميٽر جو ٿئي ٿو. اهو به سنڌو نديءَ سميت ڀارت، نيپال ۽ بنگلاديش جي درياهن ۽ ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. پاڻيءَ جي سطح تان لاروا ۽ جيت کائي ٿو. ماهيگيريءَ جي خيال کان اوٺي ڪنهن به ڪم جو نه آهي، سواءِ ان جي ان کي مرغي خانن وغيره جي فيڊ طور ڪِڇ ۾ استعمال ڪيو وڃي يا وري مڇي گهرن ۾ سونهن خاطر پالجي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو