ٽيڪڻ

ٽيڪڻ: دريائي مڇيءَ جو هڪ قسم، جيڪا ڇيلري مڇي آهي، جيڪا ننڍين مڇين ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ مڇي پنجن کان 10 انچن تائين ڊگهي ٿيندي آهي. هيءَ مڇي اُٻاوڙي طرف ٿيندي آهي، جڏهن ته ماٿيلي جي ڍورن ۾ پڻ ٿيندي آهي. هن مڇيءَ جي ڦر ڪرڻ جون ٻه مندون آهن. آني ڪندي آهي، آني وهندي آهي ته داڻِ داڻِ مان ٻيون مڇيون ٿينديون آهن. هيءَ اڪيلي گهمندڙ مڇي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو