راڳي الهداد زرداري

راڳي الهداد زرداري

الهداد زرداري

الهداد زرداري: مشھور فنڪار الهداد ولد باغ علي زرداري سال 1959ع ۾ موري لڳ ڳوٺ مُڪراري ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائين. راڳ جي لنئون ننڍي هوندي هيس. 1975ع ۾ استاد ڦوٽي خان زرداري کان راڳ جي بنيادي سکيا حاصل ڪئي. ان کانپوءِ استاد مٺل خان ميراثيءَ جي شاگرديءَ ۾ رهيو. استاد مٺل خان ميراثي قاضي احمد جو ويٺل، استاد بيبي خان جو شاگرد هو. وڏو فن هوس. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات پي ٽي وي کان ڪئي. ان کان پوءِ ريڊئي تي تمام سٺو ڳايو. ڪيسٽ جي دنيا جو مشهور فنڪار رهيو. گلي ۾ تڪليف سبب ڪيترائي سال ڳائي نه سگهيو. هن اردو، سنڌي، بلوچي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ ڪافي ڪلام ڳايو. الهداد کي ڪيترائي اوارڊ به مليا، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اوارڊ، ميان نصير محمد ڪلهوڙو اوارڊ، مصري شاهه اوارڊ ۽ شهباز قلندر اوارڊ اهم آهن. هن حيدرآباد، ڪراچي ۽ بهاولپور ريڊيو تي خوب ڳايو. 3 آگسٽ 2019ع تي موري ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ مُڪراري جي ٻڍل شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت سندس پٽ شهباز الهداد پڻ ڳائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2019.08.03  عيسوي

مشھور فنڪار الهداد ولد باغ علي زرداري سال 1959ع ۾ موري لڳ ڳوٺ مُڪراري ۾ ڄائو.3 آگسٽ 2019ع تي موري ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي
جهانگياڻي پريتي
سيد محمد اختر حڪيم
شاهه ولي خان
ابنِ اسحاق
سنت سُروپداس
رانڪ رشيد خان ڪلهوڙو
شيخ فاضل شاهه قريشي
جسڪاڻي محمد مٺل
اسلم فرخي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون