سولنگي

سولنگي: سولنگي، سنڌ جي هڪ ذات آهي، جيڪي پاڻ کي سماٽ سڏائين ٿا. عام طرح ماڇي ذات جا ماڻهو پاڻ کي سولنگي سڏائيندا آهن. ’سنڌ جي مختصر تاريخ‘ جي مصنف، سيد محب الله ڄاڻايو آهي ته ماڇي ۽ سولنگي پاڻ ٻه ڀائر هئا، جن مان سولنگي وڏو هو. سولنگي ذات جا ماڻهو سڄيءَ سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ هن ذات وارا ماڻهو ڪافي تعليم يافته آهن. ميرڻ فقير سولنگي، ڪلهوڙن جي دور ۾ پنهنجي قبيلي جو سردار هو، لونگ فقير سولنگي بدين وارو، شاهه لطيف جي رسالي جو مرتب ٿي گذريو آهي. ان کانسواءِ سيوهڻ جو غلام حيدر سولنگي، سماج سڌارڪ غلام دستگير سولنگي،ڊاڪٽر سليمان سولنگي، امداد سولنگي، نوجوان ڪالم نگار سجاد ظهيرسولنگي، نوجوان شاعر احمد سولنگي، پي. ٽي. ويءَ جو پروڊيوسر غلام مصطفيٰ سولنگي، نوجوان صحافي غلام مصطفيٰ سولنگي، ناميارو ڊرامانگار ۽ ناول نگار فاروق سولنگي، نوجوان شاعر ادل سولنگي، منٺار سولنگي، ريڊيو پاڪستان جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ۽ نوجوان شاعر رکيل مورائي به هن ذات سان واسطو رکن ٿا. رکيل مورائيءَ جو اصل نالو الهرکيو سولنگي آهي.


لفظ سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو