راڌڻ1

راڌڻ1 (شهر): راڌڻ شهر، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جو هڪ اهم شهر آهي. هن شهر جي آبادي پنجاهه هزار کان مٿي آهي. هتي لاڙڪاڻو-ڪوٽڙي ريلوي لائين تي ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا انگريزن جي زماني ۾ ڪوٽڙي ۽ سکر جي وچ ۾ اهم ريلوي اسٽيشن هوندي هئي، جنهنڪري هتي انگريزن جا ڪيترا رهائشي بنگلا پڻ هوندا هئا. هي شهر گھڻو وقت اڳ جو آباد ٿيل معلوم ٿئي ٿو. هتي بوائز ۽ گرلس ڪاليج، بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول، اسپتال، بجليءَ وغيره جون سهولتون موجود آهن.
مرزا قليچ جڏهن ٿرڙي محبت جو مختيارڪار هو ته هو راڌڻ جي اسٽيشن ماسٽر سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو، ۽ اتي ئي سندس انگريز اسٽيشن ماسٽر جي ڌيءُ ’ايليس‘ سان سندس ملاقات ٿي هئي ۽ سندن شادي طئي به ٿي وئي هئي، پر لاهور جي بشپ شادي عيسائي مذهب مطابق ڪرڻ جو شرط وڌو، جيڪو مرزا قليچ بيگ قبول نه ڪيو ۽ هيءَ شادي عمل ۾ اچي نه سگهي. مشهور عوامي شاعر دادن فقير آخري عمر ۾ راڌڻ ۾ رهيو ۽ سندس مزار پڻ راڌڻ شهر جي قبرستان ۾ آهي. راڌڻ ۾ ناميارا سياستڪار عبدالخالق جوڻيجو ۽ امر جوڻيجو رهن ٿا، جڏهن ته مشهور اديب آزاد قاضي، فلمي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر خميسو جانوري (مرحوم)، نوجوان شاعر معصوم بخاري ۽ عوامي ڳائڻو سلطان فقير سولنگي به هن شهر جا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو