داخلا نمبر 7957
عنوان جمهوريت
شاخ حڪومتي دور
پڙهيو ويو 255 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جمهوريت

جمهوريت (Democracy ):لفظ جمهوريت جي معنيٰ آهي عوام جي حڪمراني يا جمهور جو راڄ. هن سياسي نظام جو آغاز يونان کان ٿيو. لفظ ’ڊيموڪريسي‘ ٻن يوناني لفظن جو مرڪب آهي: ڊيموس (Demos) معنيٰ عام ماڻهو ۽ ڪريٽوس (Kratos) جو مطلب آهي راڄ، سرڪار يا حڪومت. يونان ۾ هن نظام تحت عام ماڻهو، حڪومت جي قاعدن قانونن ٺاهڻ توڙي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ سڌيءَ طرح پاڻ حصو وٺندا هئا. ان کان اڳ اُتي هڪ مخصوص ٽولو يا ڪو هڪڙو ’ڏاڍو مڙس‘ راڄ ڀاڳ تي حڪمراني ڪندو هو. انهيءَ طرح جتي نيارپ يا استثنيٰ کان سواءِ رڳو ڏاڍ جو راڄ هلندو هو، اتي يوناني جمهوريت واري نظام بهترين تبديلي آندي. جمهوريت هڪ اهڙي سياسي نظام کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان چونڊيل حڪومت کي اقتدار جو موقعو ڏين. جديد جمهوريت ۾ عوامي ووٽ سان ئي چونڊيل نمائندا ڪي اختيار حاصل ڪندا آهن. اهي عوامي نمائندا عام چونڊن، ريفرينڊم يا راءِ شماريءَ ذريعي به چونڊجي سگهن ٿا.
جمهوريت بابت ابراهام لنڪن لکيو هو ته:
“Government of the people, by the people, for the people.”
يعني ماڻهن جي حڪومت، ماڻهن ذريعي ۽ ماڻهن لاءِ.
جيڪڏهن جمهوريت کي سياسي ميدان ۾ ڏسبو ته اها سياسي حڪومت جنهن ۾ آزاد خيال ماڻهو اقتدار ۾ هجن، انهن جي ذريعي حڪومت هلي ۽ ماڻهن جي مرضيءَ مطابق ۽ مثبت رخ ۽ طريقي سان نتيجا ڏئي ته ان کي جمهوري نظام چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جي حقن جو خيال رکيو ويندو هجي. شروع کان وٺي جمهوريت ۽ آمريت جو هڪ ٻئي سان ٽڪر هلندو پيو اچي، جيئن ظاهر ۽ باطن، ڀلائي ۽ برائي جو اڻ کٽ ۽ اڻ ٽٽ ٽڪراءُ آهي.
حقيقت ۾ حڪومتي نظام هلائڻ لاءِ جمهوريت هڪ بهتر سياسي طريقو آهي، جنهن سان معاشري ۾ ماڻهن جي حقن ۽ خود معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني طرح سان مثبت رنگ ۾ رڱيو ويندو آهي. حقيقي جمهوريت ۾ قدرت جي قانون جي جهلڪ پئي نظر ايندي آهي. جمهوري نظام هر انسان جي حقن جو پاسدار هوندو آهي، جنهن ۾ مستحق کي پنهنجو حق ۽ غير مستحق کي ان جي معيار مطابق صلو ملندو آهي. آمريت جو مطلب ته ماڻهن تي اعتبار ڪرڻو ئي ناهي، صرف انهن تي حڪومت ڪرڻي آهي، جنهن سان زندگيءَ جي نااميديءَ جي نمايان تصوير نظر ايندي آهي ۽ جمهوريت موجب ماڻهن کي پنهنجي حڪمراني پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي موقعا ملڻ گهرجن ته جيئن هو پنهنجي حقن جي حاصلات پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪري سگهن. دنيا ۾ بهتر جمهوري نظام رکندڙ ملڪن ۾ انگلينڊ، چين، ڀارت ۽ آمريڪا ڳڻي سگهجن ٿا.
پاڪستان هڪ جمهوري عمل ذريعي وجود ۾ آيو ۽ هن وقت به چونڊيل جمهوري حڪومت آهي، پر هتي جمهوريت کي پير پختا ڪرڻ لاءِ وڏو عرصو لڳو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ چونڊيل حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ فوجي سربراهن جي سياست ۾ مداخلت ۽ اقتدار تي قبضي سبب ملڪ ۾ سياسي توڙي سماجي سطح تي مونجهارا ۽ رڪاوٽون پيش آيون. آمريت جا اهي دور ايوب خان جي مارشل لا کان شروع ٿيا هئا. ان دور ۾ 1956ع وارو آئين معطل ڪيو ويو. ان بعد يحييٰ خان حڪومت جون واڳون هٿ ۾ کنيون، جيڪو پڻ فوجي جنرل هو، پر هن پارلياماني حڪومت ٺاهڻ لاءِ آئين سازيءَ تي زور ڏنو. ان دور ۾ ڊسمبر 1971ع ڌاري پاڪستان جو اوڀرندو حصو ڀارتي مداخلت سبب الڳ ٿي ’بنگلاديش‘ بنجي ويو، پر ان کان پوءِ باقي رهيل پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي ٺاهيل پيپلز پارٽيءَ جي جمهوري نعرن ۽ عوامي حمايت سان اقتدار ۾ چونڊجي آيو ته صحيح معنيٰ ۾ جمهوري نظام لاڳو ٿيو. ذوالفقار علي ڀُٽي هڪ بهترين جمهوري مثال قائم ڪندي سمورين سياسي پارٽين جي حمايت سان قوم کي 1973ع وارو متفقه آئين ڏنو. ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائي، پاڙيسري ملڪن سان بهتر رشتو قائم رکڻ ۽ اسلامي ملڪن جي ڀائيچاري لاءِ ڪوشش ڪئي. انهيءَ آئين تحت هڪ ڀيرو وري 1977ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون ۽ ڀٽو صاحب عوام پاران چونڊيو ويو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ سندس خلاف سازشون شروع ٿيون، هڪ دفعو ٻيهر جمهوريت تي راتاهو هڻندي جنرل ضياءُ الحق، چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، وقت جي وزيراعظم کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ۽ سازش سٽي هڪ عدالتي فيصلي ذريعي ذوالفقار علي ڀُٽي کي شهيد ڪيو ويو. جنرل ضياءُ الحق جي دور کي آمريت جو ڪارو دور سڏيو ويندو آهي. هن مسلسل 11 سال ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪئي ۽ عوامي حقن جي پائمالي ٿيندي رهي.
1981ع جي شروعات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ 11 سياسي پارٽين گڏجي تحريڪ هلائي، جيڪا ايم. آر. ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) جي نالي سان مشهور ٿي، جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ هئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ - سنڌ جي تڏهوڪي صدر مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ عوام روڊن تي نڪري پيو، مظاهرا ۽ هڙتالون ٿيون. گرفتاريون به عمل ۾ آيون، پر جنرل ضياءُ الحق مطالبا نه مڃيندي غير جانبدار چونڊون نه ڪرايون. 1986ع ۾ ٻيهر ايم. آر. ڊي تحريڪ زور ورتو، جمهوريت لاءِ سنڌ ۾ جدوجهد ڪندڙ ڪيترائي سنڌي نوجوان به فوجي حڪومت هٿان شهيد ڪيا ويا.
آگسٽ 1988ع ۾ جڏهن جنرل ضياءُ الحق هڪ جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو، ته سياسي ميدان تي جمهوريت جا ڪرڻا ٻيهر ظاهر ٿيا. ان کان اڳ 1986ع ڌاري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو تعليم مڪمل ڪري ڏيهه موٽي ته لکين ماڻهن جي هجوم سندس شاندار استقبال ڪيو هو. 1988ع وارين چونڊن ۾ محترمه بينظير ڀٽو ڪاميابيءَ بعد، اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم بڻجي آئي ۽ جمهوريت واري راهه تي پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ڪيترائي عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا. پر 1990ع ۾ تڏهوڪي صدر پاڪستان غلام اسحاق خان، ان حڪومت کي ڪجهه بدعنوانين جي مبينا الزامن هيٺ برطرف ڪري ڇڏيو.
محترمه جي حڪومت برطرف ٿيڻ بعد مسلم ليگ ’ن‘ جي ميان نوازشريف کي وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو مليو. هن به جمهوريت وارين روايتن کي برقرار رکندي ڪي ترقياتي ۽ فلاحي ڪم ڪيا، پر ٿوري عرصي بعد 1993ع ۾ ساڳئي ئي صدر غلام اسحاق خان اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. ان جو سبب نواز حڪومت ۾ صدر جا اختيار گهٽائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش چيو پئي ويو. ٻيهر 1993ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي. پر ان دور ۾ به سندس حڪومت تي مبينا ڪرپشن جا الزام مڙهيا ويا. مخالفن جي سازشن تڏهن زور ورتو، جڏهن 1996ع ۾ وزيراعظم جي ڀاءُ مير مرتضيٰ جي شهادت جو واقعو پيش آيو. نتيجي ۾ سياسي بحران جنم ورتو ۽ پ پ جي ئي چونڊيل صدر مرحوم فاروق احمد لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.
1997ع ۾ ٻيهر نواز ليگ کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو، پر ان دور ۾ آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جا حڪومت سان ڪارگل جنگ تي اندروني اختلاف پيدا ٿيا ۽ نواز شريف پاران آرمي چيف تبديل ڪرڻ جي کڙڪ پوڻ تي جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999ع تي اقتدار تي قابض ٿي، نوازشريف کي ’جهاز سازش ڪيس‘ ۾ گرفتار ڪري، پوءِ ملڪ بدر ڪيو.
جنرل مشرف پڻ غير آئيني قدم کنيا، هڪ ئي وقت فوجي سربراهي توڙي صدارتي عهدي تي رهڻ سبب مٿس تنقيد به ٿي، عدالتي بحران به پيدا ٿيو، هن ٻه دفعا ملڪ ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪئي، سندس دور ۾ ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا به وڌي ويا، ماڻهو گم ٿيڻ توڙي نواب اڪبر بگٽيءَ کي قتل ڪرائڻ جا الزام به مٿس مڙهيل آهن. سندس اقتدار جي پڇاڙيءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو به پيش آيو. ان بعد سياسي هوا جو رخ تبديل ٿيو ۽ جمهوريت لاءِ ماحول ٺهيو ۽ هڪ وڏي عرصي بعد پيپلزپارٽيءَ 2008ع وارين چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، اي. اين. پي ۽ نواز ليگ سميت ٻين پارٽين سان گڏجي هڪ جمهوري حڪومت جو ٻيهر آغاز ڪيو. يوسف رضا گيلانيءَ کي وزيراعظم چونڊيو ويو، سڀني سياسي پارٽين جي دٻاءِ تي صدر پرويز مشرف کي استعفا ڏيڻي پئي ۽ اڪثريتي راءِ سان صدر آصف علي زرداري، ملڪ جو صدر بڻيو. هن دور ۾ سڀني پارٽين جي اتفاق راءِ سان ارڙهين ترميم ذريعي آئين ۾ ڪيتريون ئي بهتر تبديليون آنديون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه اختلافن سبب نواز ليگ، وفاق کان الڳ ٿي صرف پنجاب ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، جڏهن ته اپوزيشن سيٽن تي ويهي ايوان ۾ اختلاف راءِ رکڻ کي به هڪ جمهوري عمل سڏجي ٿو.
هن وقت ان جمهوري حڪومت کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. جيتوڻيڪ ڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي بحران به آهن، پر عوام جي راءِ ۾ آمريت کان جمهوريت کي بهتر سمجهيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

حڪومتي دور - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽالپرن جون مهرون
جمهوريت
حڪومتي دور ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون