داخلا نمبر 6096
عنوان تاجل بيوس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1401 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تاجل بيوس

تاجل بيوس

تاجل بيوس

تاجل بيوس: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ۽ نقاد، تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمو هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ جپان، ٿائيلئنڊ ۽ آمريڪا مان مختلف ڪورس ڪري آيو. تاجل بيوس 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ اردو)، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
(2) ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
(3) ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ (شاعري:1985ع)،
(4)”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
(5) ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
(6) ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
(7) ”ڏور به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)،
(8) ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)،
(9) ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
(10) تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)،
(11) ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا خط)،
(12) ”چپ انجيل جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)،
(13) ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
(14) ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
(15) ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).
تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا. سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.09.22  عيسوي

تاجل بيوس 22 سيپٽمبر 1938ع تي ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو


2008.12.13  عيسوي

تاجل بيوس 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون