داخلا ؛ 2105
پڙهيو ويو ؛ 913
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-08


تصويرون


flour.jpeg
اٽو
اٽو

flour2.jpeg
اٽو
اٽو

flour mill3.jpeg
اٽي پيهڻ جي مشين
اٽي پيهڻ جي مشين

flour4.jpeg
اٽي جي فيڪٽريءَ / مل ۾ اٽي جو ذخيرو
اٽي جي فيڪٽريءَ / مل ۾ اٽي جو ذخيرو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اٽو

ٽائيٽل ؛ اٽو


شاخ : کاڌ خوراڪ

اٽو: پِيٺل -اناج- کي ’اٽو‘ چئبو آهي. -اناج- جي سمورين جنسن جو -اٽو- ٺهندو آهي. عام طرح -ان- جي ماني پچي ٿي ۽ اهو خوراڪ طور استعمال ٿئي ٿو. سڀڪنهن اَٽي ۾ پنهنجي پنهنجي خاصيت هوندي آهي.
سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ ڳاڙهن چانورن جي -اٽي- جي ماني شوق سان کاڌي ويندي آهي، جيڪا نهايت لذيذ ٿيندي آهي. پيٺل ڪڻڪ جي -اٽي- مان ڇاڻ ڪڍي، باقي بچيل -اٽي- کي ’ميدو‘ چئبو آهي.
عام ماني گهڻو ڪري ڪڻڪ جي -اٽي- يا ميدي مان ٺهندي آهي. ڪڻڪ جو -اٽو- گهڻو ڪري آمريڪا، ڪئناڊا، اولهه يورپ، -پاڪستان- ۽ هندستان ۾ ٿيندو آهي.
جوئر ۽ ٻاجهريءَ جو -اٽو- به -پاڪستان- ۽ هندستان جا ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. ڪن علائقن ۾ چانورن، مڪائيءَ، چڻن، مٽرن ۽ مڱن جو -اٽو- به تيار ڪندا آهن، جيڪو ٻين کاڌن ۾ ڪم ايندو آهي.
ڪڻڪ جو -اٽو- بدن کي قوت ڏيندڙ ۽ رت پيدا ڪندڙ آهي. -ان- -اٽي- مان نشاستو به ٺهندو آهي. گهريلو ٽوٽڪو آهي ته اَٽي کي پاڻيءَ ۾ رڌي، لُپري ٺاهي، ڪنهن سخت ڳوڙهي ۽ سور واريءَ جاءِ تي ٻڌجي ته -ان- کي نرم ڪري، ڦاڙي، ڇُٽائي ٿو. اُن جو بُوسو (ڪَتر ۽ تُههَ) ڪوسو ڪري سوڄ واريءَ جاءِ تي -ٽاڪور- ڪجي ته مفيد آهي


وڪي پيڊيا.
http://en.wikipedia.org/wiki/Flour




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اٽو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اٽو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


کاڌ خوراڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بادشاهِڻِ
بادِلو2
آبِحيات
باديانُ
آب زُلال
آبِ زمزم
آب ڪوثر
باسپتي
آڀون
باکرو ڏاڙهون
آٿاڻو
ٻاٽ (خوراڪ)
ٻاٽڦلو
آٽڻ
آچار (خوراڪ)
ٻري
است
برياني
انگوري سرڪو
انگوري شراب
بسري
بسڪوٽ
بسڪٽ
اٽو
ان
اناج
آراڙو (کاڌو)
بن (کاڌ خوراڪ)
بناسپتي گيهه
بند گوبي
بنگالو
بوڙينڊو2
بوندي
تلوڻا
ڀَتو
تنبو 2
تنبو 3
ٺوڙهي
تڙ 3
ڀوڳهڙو
توشو
تهري
تِر
ٽيرو
ٿڌڙي 2
ٿڌڙي 3
پِس
پاپڙ
پتاشو


.....کاڌ خوراڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن