بسري

بُسرِي: ڳُڙ واري ماني، ڳُڙهاري، جيڪا پوءِ ڪثرت سان استعمال جي ڪري ”ڳرُهاڙيءَ“ جي تلفظ ۾ بدلجي وئي آهي. اُها ماني، جنهن جي وچ ۾ ڳُڙ جو تهه ڏيئي پچائجي. کائڻ وقت مٿان چڱيءَ طرح گيهه وجهي کائيندا آهن. شاديءَ جي هڪ رسم موجب نکيٽيءَ کان پوءِ صبح جو نيرن تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي کارائيندا آهن، اُن کي بُسرِي به چون. ڪنواريتن پاران، نڪاح کان اڳ، گهوٽ ۽ اُن جي دوستن ۽ مٽن مائٽن جي، ڪيل مانيءَ کي به بُسري چئبو آهي .


لفظ بسريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو