ڏونئرا

ڏونئرا: ڏونئرا سڄيءَ سنڌ ۾ ٿين ٿا. ڏونئر، ٿر جي ڏٿ جو هڪ قسم آهي. ڏؤنرا، ڪرڙ جي وڻ ۾ ٿين ٿا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ان جو ٻوڙ رڌي کاڌو وڃي ٿو. ڏونئرا پچڻ کان اڳ ذائقي ۾ ڪڙا ٿين ٿا. جڏهن ته پڪل ڏؤنرن جي مٺاڻ مان مٺو ڀت ٺاهي به کاڌو ويندو آهي. ڏؤنرن کي ڌوئي صاف ڪري، انهن جو ٻوڙ رڌبو آهي. ڏؤنرن جو آچار به مشهور آهي. ڏونئرن جو آچار ٺاهڻ لاءِ سنهڙن ۽ ڪچن ڏؤنرن کي ٽن يا چئن پاڻين ۾ ٽهڪائڻ کانپوءِ سُرڪي يا ليمي ۾ ملائي، انهن ۾ مصالحا ۽ تيل وجهي ڪنهن پلاسٽڪ جي برنيءَ يا وڏي برتن ۾ وجهي، ان جو منهن ٻڌي رکي ڇڏبو آهي. هفتي کن ۾ آچار تيار ٿي ويندو آهي. ڏؤنرن کي شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي:
ڏونئرا، پُسي ڏيهه ۾، ساماڻو سائون. (سر مارئي)


لفظ ڏونئراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو