چُوڪو

چُوڪو: چُوڪو ڀاڄي آهي، جنهن جا پن ۽ ٽاريون ذائقي ۾ کٽا هوندا آهن. هن کي رڌي کائبو ته طبي لحاظ کان جگر جي گرمي ۽ اُڃ گهٽ لڳي ٿي. صفراوي تپن ۽ دستن کي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي، کاڌي کي هضم ڪري ۽ بک وڌائي ٿي. هن جو ٻج سنهون ڪاري رنگ تي ٿيندو آهي. اهو ٻج الٽين، دستن، سُور، پيچش، مروڙن، رت جي دستن، صفرا جي خلاط، يرقان جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ به فائديمند آهي.


لفظ چُوڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو