ڏلهه

ڏلهه

ڏلهه

ڏلهه (ماڳ): تعلقي سيوهڻ ۾ لڪي ۽ بڊي جبل جي وچ ۾ ڪرچات کان اتر طرف جهانگارا ويندڙ رستي تي ڏلهه نالي هڪ ڳوٺ 26° 05′ 56″ اتر-ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ 67° 45′ 56″ اوڀر- اولهه ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي، جتي ٻه قديم آثار آهن. هڪ رهائشي ماڳ ۽ ٻي قديم چٽساليءَ واري سائيٽ ”ڪورن ڀر“. ڳوٺ کان اٽڪل هڪ فرلانگ جي فاصلي تي ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ هڪ برساتي ڍوريءَ جو ٻيٽ آهي. هن ڍوريءَ جي ٽڪرين مان هڪ ٽڪريءَ جو اتر وارو پاسو ڀت جهڙو لسو آهي، جنهن جي سطح جي اٽڪل ڊيگهه 50 فٽ ۽ اوچائي ڇهه فٽ ۽ ويڪر ٽي فٽ آهي، اتي ڪي جاميٽريائي چٽ ڪوريل آهن، هنن ڪوريل چٽن جون ماپون اٺن کان چوڏهن انچن جون آهن، مٿينءَ ڀت جي وچ ڌاري ڪي نشان انڊس لپيءَ سان ملندڙ ۽ ڪي نشان ماڻهن، ماڻهن جي منڍين، هٿ جي تري، تير ڪمان، سنک، ٻيڙي، سنڌي سرهه ۽ هرڻ جهڙا ملن ٿا. ڪجهه جاميٽريائي چٽ، جن ۾ چورسا، مستطيل خانا، چيلي يا نوٽڻ راند جهڙا خانا ۽ گهر وغيره به چٽيل آهن. هي چٽ مشهور قديم آثارن جي ماهر اين. جي مجمدار به ڏٺا هئا، سندس راءِ موجب هي ڪي گهڻا پراڻا ڪو نه آهن. اتي ئي آسپاس ۾ نئن جي ترائيءَ ۾ تاريخ کان اڳ جا آثار موجود آهن، جيڪي ڏيڍ ميل جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن، جن ۾ ٺڪراٺي کان سواءِ جاين جون پيڙهون، پٿر جا پتا وغيره ملن ٿا. ان کان ٿورو اڳتي ڏلهه ٽڪر جي پاڙ وٽ نئن ڏي ويندڙ گهاٽ (George) مان هڪ کاري نڪري ٿي، اتي هڪ ٽڪريءَ تي ڌاتو- پاهڻي دور جا آثار مليا آهن، ڪچري هٽائڻ کان پوءِ هڪ ڪوٽ جا آثار جيڪي سٺ فٽ ڊيگهه ۾ آهن، ڏسي سگهجن ٿا. ڏلهه واري سڄي ايراضي ’سنڌو تهذيب واري دؤر‘ جي آثارن سان ڀريل آهي، ڪن هنڌن تي آمري ٺڪر کان سواءِ: ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا، بيضوي ٺڪر جون چوڙيون، چن جي پٿر مان ٺهيل درن جا اکوٽا، پٿر جا ڏگهر ۽ هڪ ٽامي جي منڊي ملي آهي.


لفظ ڏلههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو