ڍاٽيئڙو

ڍاٽيئڙو (لوڪ گيت): ڍاٽيڙو، ٿرپارڪر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جيڪو عام طرح ڌنار، مال چاريندي ڳائيندا آهن. هن لوڪ گيت جو پسمنظر هن ريت آهي ته: ڪجهه عرصو اڳ ٿرپارڪر جي ڍٽ واري حصي جو ڪو ڍاٽيڙو، لاباري جي موسم ۾ پورهيي سانگي وڃي ناري جي پَٽ ۾ نڪتو. هو سهڻو جوان هو، اتفاق سان ڪا وڏ گهراڻي ڇوڪريءَ مٿس عاشق ٿي پئي. آخر اها خبر ڇوڪريءَ جي مائٽن کي پئي، جن هن جوان کي ڪيس ۾ اڙائي، جيل ۾ هڻائي ڇڏيو. ڇوڪريءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته فراق ۾ آلاپڻ لڳي ته ’هيلوڪو وري آءُ‘ (يعني هڪ وار وري آءُ) چوڻ لڳي، جيڪو هن گيت جي وراڻيءَ ۾ ڪم آندو ويو آهي. ڍاٽيڙي جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذاريو،
رليءَ جي رولاڪي، ماريو ڙي ڍاٽيئڙا!
هيلوڪو وري آءُ!


هن صفحي کي شيئر ڪريو