پاٺ

پاٺ: سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’سبق‘ آهي، جيڪو درسي ڪتابن ۾ موضوع جي لحاظ کان جدا استعمال ڪيو ويندو آهي. گرنٿ صاحب جا شبد ۽ اشلوڪ ۽ گرٻاڻي سازن کان سواءِ روزانو پڙهڻ کي ”پاٺ“ چئبو آهي، جيڪڏهن انهن شبدن کي راڳ وانگر، سازن تي پڙهيو يا ڳايو وڃي ته ان کي ”ڪيرتن“ چئبو آهي. گُرٻاڻيءَ جي پاٺ لاءِ تن من جي پاڪيزگي ضروري سمجهي ويندي آهي. تن جي پاڪيزگيءَ لاءِ اشنان ۽ ’پنج اشنان‘ ڪرڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. اشنان ۾ پوري جسم کي پاڻيءَ سان ڌوتو ويندو آهي ۽ ’پنج اشنان‘ ۾ فقط ٻئي هٿ، ٻئي پير ۽ منهن ڌوئبا آهن. اشنان ۽ ’پنج اشنان‘ ڪرڻ کان سواءِ گُرٻاڻيءَ جو پاٺ ڪرڻ جائز نه سمجهيو ويندو آهي.


لفظ پاٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو