ڊکاڻي

ڊکاڻي (ماڳ): هي قديم وقت ۾ جوڙيل گبر بندن جو مقام آهي، جيڪي اوائلي ماڻهن برسات ۽ نئين جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا. هي بند تاريخ کان اڳ واري دؤر جا آهن. هنن بندن جي جاءِ وقوع ڪرچات ماٿريءَ جو وچ وارو هنڌ، تعلقي ٿاڻي بولاخان ۽ ضلعي ڄامشوري ۾ آهي. هي ماڳ جاگرافيائي طور25°43`20`` ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67°39`60`` ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آهن. هن قسم جا گبر بند هتي آسپاس جي هنڌن تي وڏي تعداد ۾ ملن ٿا، جن سان نئن ۽ برسات جي پاڻيءَ کي روڪي زراعت ڪرڻ سميت ٻين مقصدن لاءِ پڻ ڪتب آندو ويندو هو. هي اهڙي قسم جا گبر بند آهن، جن کي اڄ به ساڳين مقصدن لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو. هنن بندن جو ذڪر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ۾ ڪيو ويو آهي. هي گبربند اوائلي انسانن جي تعمير ڪيل اهم تعميرات ۾ شمار ٿين ٿا. گبربند سن شهر کان مٿي جبلن ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو