چيلهار1

چيلهار1: چيلهار شهر ڇاڇري تعلقي ۾ آهي، جيڪو ’چيلي‘ نالي چارڻ جو ٻڌايل چيو وڃي ٿو. هتي ٽالپرن قلعو ٺهرائي، هن ڳوٺ تي ’عليڳڙهه‘ نالو رکيو هو. اهو قلعو هاڻي ڊهي ويو آهي، جنهن جي سرن مان شهر جون ڪيتريون جھونيون جايون جڙيل آهن. ان زماني جون توبون به چيلهار ۾ پيون آهن. چيلهار ۾ ٽالپرن جا کوٽايل ڪيترا کوهه به هئا. جن مان ڪي اڃا استعمال جوڳا آهن. هتي سٺو واپار هلي ٿو. برهمڻ، مهيشوري، سوٽهڙ، مينگهواڙ، مالهي، بجير ۽ حجم (هندو توڙي مسلمان) هتي رهن ٿا. چيلهار ڀرسان ڪيتريون ترايون آهن، جن مان ’راڻاسر‘ تلاءُ بيحد مشهور آهي، جنهن کي شيخ اياز به پنهنجي ڪتاب ’اڪن نيرا ڦُليا‘ ۾ ڳايو آهي. هتي جا ماڻهو گهڻي قدر تعليم يافته آهن. هتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول آهن. ٿاڻي، ڍڪ، ٻيلي کاتي جي آفيس، يونين ڪائونسل، پوسٽ آفيس ۽ بجلي وغيره جون سڀ سهولتون موجود آهن. مشهور استاد ۽ تاريخدان سرڳواسي رائچند راٺوڙ، نامور اديب منگهارام اوجها، ٽماهي مهراڻ جو اڳوڻو ايڊيٽر نفيس احمد ناشاد ۽ نوجوان شاعر ۽ محقق ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ به چيلهار جا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو