چوروڪ

چوروڪ (Churook): هيءُ دڙو بلوچستان جي خضدار تعلقي جي ڳوٺ چوروڪ کان 200 ميٽرن جي پنڌ تي آهي. دڙي جي ڏکڻ ۾، زيارت جو ڳوٺ ڇهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. چوروڪ، خضدار شهر کان اڀرندي پاسي 30 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي. هيءُ ماڳ ماپ ۾ 170 ميٽر اوڀر اولهه، 130 ميٽر اتر- ڏکڻ.۽ اوچائيءَ ۾ 15 ميٽر آهي. دڙي جي چوٽيءَ تي وڏا گٺل پٿر موجود آهن، جيڪي اڳ جاين ۾ استعمال ٿيا هوندا، جيڪي ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿا. دڙي جي لاهين وٽ جاين جي پيڙهن جا نشان به چٽا آهن. ڪن سڌين ڀتين جا نشان موجود آهن. مٿاڇري تان ثقافتي وٿون ٿوريون هٿ آيون آهن. هٿ آيل ٺڪراٺو ٿلهو، بي ڍولو، هلڪي ڳاڙهي رنگ جو، ۽ ڪارن چٽن سان مليو آهي. سادو بنا چٽن جي ٺڪراٺو به موجود آهي. هڪ ڪُني جي ڳٺين تي ڪارا ڌاءَ نڪتل آهن. ڪن ٺڪرن تي پپر جي پن جو نقش به نڪتل آهي. ڪن ٺڪرن تي کرڙيل نقش به مليا آهن. گهڻو ٺڪر اهڙو آهي، جنهن تي ڏنگيون ليڪون ۽ ڪاريون پٽيون چٽيل آهن. انهيءَ ٺڪراٺي جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ دڙو 3000 قبل مسيح کان 2800 قبل مسيح تائين چڱو شهر هوندو. هي اوائلي تهذيب '>سنڌو تهذيب جو ماڳ ڪري ليکجي ٿو.


لفظ چوروڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو