ڀوپالي

ڀوپالي (راڳڻي ):ھيءُ ڪلياڻ ٺاٺ جو اوڍو راڳ آھي، ان ۾ مڌم ۽ نکاد جا سُر نٿا لڳن، ان جو وادي سُر گنڌار آھي ۽ ڌيوت سموادي. جيڪڏھن ڌيوت کي وادي سر تي ٽڪائي، مٿين سرن کي زور ڏجي ته ”ديسڪار“ ٿي پوندو، ڀوپالي ءَ جو زور پوروانگ يا ھيٺين سرن تي رھندو آھي. ديسڪار صبح جي وقت ۾ ڳايو ويندو آھي. هن جي آروهي: سارا گاپا ڌا سا ۽ امروهي: سا ڌا پا گا را سا آهي، جڏهن ته وادي سر: ڌيوت ۽ سموادي سر: رکب آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت صبح آهي.


لفظ ڀوپاليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو