پينگهو1

پينگهو1

پينگهو1

پينگهو1:ڪاٺ جي گهوڙيءَ تي بيٺل جهولو، جيڪو سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. پينگها ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙو سادو پينگهو ۽ ٻيو هندورو. پينگهو چئن پاون وارو هوندو آهي، جڏهن ته هندوري ۾ ڇهه کان اٺ پاوا لڳندا آهن. نننڍو پينگهو نڍڙي ٻار جي آرام لاءِ ڪتب آڻبو آهي. جڏهن ته وڏن پينگهن ۾ مرد توڙي عورتون لڏنديون آهن. سرنديءَ وارن ماڻهن جي گهرن ۾ جنڊيءَ تي ٺهيل ڳاڙها ۽ رنگين پينگها موجود هوندا آهن، جن ۾ مرد ۽ گهر جون وڏيون لڏنديون رهنديون آهن. اهڙا پينگها مهانگا ٿيندا آهن ۽ هر ڪنهن جي وس ۾ انهن جي خريداري ممڪن نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو