پولو

پولو

پولو

پولو: پولو اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي راند آهي. هيءَ راند پاڪستان جي اترين ضلعن ۽ فوج ۾ عام کيڏي ويندي آهي. پولو راند چين، وچ ايشيا ۽ برصغير جي گھوڙي سوارن ايجاد ڪئي هئي. ان کان پوءِ هن راند کي قديم ايرانين، عربن، مغلن، منگولن ۽ چينين اختيار ڪيو. ايران ۾ به هيءَ راند کـيـڏي ويـنـدي هـئـي. فـارسـيءَ جـي مشـهـور شـاعـر فـردوسـيءَ پنـهنـجي ڪتاب ”شاهنامه“ ۾ پڻ پولو جو ذڪر ڪيو آهي. برصغير ۾ مغل شهنشاهه جهانگير جي زال بيگم نورجهان پولو راند جي هڪ ماهر رانديگرياڻي هئي. لاهور جي عجائب گھر ۾ مغل دور جي هڪ تصوير ۾ مغل عورتن کي پولو کيڏندي ڏيکاريو ويو آهي. ان مان ظاهر آهي ته پولو راند مغل شاهي عورتن جي به پسنديده راند هئي. پولو چينين جي به شاهي راند هئي. جپانين هيءَ راند چين کان سکي هئي. اٺين صدي عيسويءَ ۾ وچ ايشيائي ماڻهن کان عربن هيءَ راند سکي. برصغير ۾ برطانوي دور ۾ پولو جي باقاعدي تنظيم سازي ڪئي وئي. پاڪستان پولو ايسوسيئيشن جي ڪوششن سان هيءَ راند اڃا تائين زنده آهي.


لفظ پولوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو