پنچري

پنچري: ٻيلي ۾ چوپائي مال جي چارڻ تي ورتل محصول، قدرتي طرح درياهه جي ڪنارن سان ٻيلا هوندا آهن، جن جي سنڀال وقت جي حڪومت ڪندي آهي. جيئن ته ٻيلن جي رکواليءَ لاءِ پگهاردار ماڻهو مقرر ٿيل هوندا آهن. انهيءَ ڪري سندن خرچ جي پورائيءَ لاءِ ٻيلي مان فائدو وٺندڙن کان محصول وصول ڪيو ويندو آهي. ”پنچري“ به محصول جو هڪ قسم آهي. هاڻي ته نه ٻيلا رهيا آهن ۽ نه مال چاريندڙ ۽ نه ’پن چري‘ محصول، جيڪو ٻيلي ۾ مال چاريندڙن کان وصول ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو