پنبو

پَنبو: ڪنهن به جنس جو سٺو اَنُ. خاص ڪري ڪڻڪ جو خالص ۽ ڇڻيل صاف ٿيل اَنُ، ان صفا ڪري اُکريءَ ۾ ڇڙي استعمال ڪندا آهن. خوشيءَ جي موقعي وارن ڳيچن ۾ هڪڙو ڳيچ انهيءَ قسم جو آهي ته ”پنبو هم ڇڙيسان“. ان عنوان سان زالن جا ڪافي ڳيچ آهن، جن ۾ اهو تاثر ڏنل هوندو آهي ته هي ان جي ڇڙاوت ڪن خاص پيارن ماڻهن لاءِ ڪئي وڃي ٿي.
ڇنڊيل صاف ٿيل ڪپهه کي به ”پنبو“ چوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها تمام اڇي ٿيندي آهي. ڪپهه صاف ڪرڻ جي اوزار کي به ’پنبو‘ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو