چَنهَرَ

چَنهَرَ

چَنهَرَ

چَنهَرَ: چنهر ٻاراڻي راند آهي جنهن کي ’چلهر‘ به چوندا آهن. هي راند ٻه يا چار ڇوڪرا يا ڇوڪريون گڏجي ڪندا آهن. چنهر راند جو چارٽ آڱر سان ڪنهن پڪيءَ جاءِ تي ۽ ڪچي مٽِيءَ تي ليڪا ڪڍي ٺاهيو ويندو آهي. چنهر راند چئن ڪوڏين سان کيڏي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح هر هڪ رانديگر وٽ الڳ الڳ قـسـم جــون ڪـوڏيـون هـونديـون آهـن، جيـئن سـڃاپجي سگهجن. راند دوران ترتيب وار واري واري سان هر رانديگر ڪوڏيون پٽ تي اڇلائي پنهنجو داءُ هڻندو آهي. ڪوڏين جي سنئين يا ابتي ڪرڻ سان راند جي داءَ جو تعين ڪبو آهي. جيڪڏهن چار ئي ڪوڏيون سنيون پيون ته چنهر ٿيندي، ٻه ڪوڏيون سنيون پيون ته ٻه داڻا ليکبا، ٽي ڪوڏيون سَنيون پيون ته ٽي داڻا ۽ هڪ ڪوڏي سنئين پئي ته هڪ داڻو ليکبيون ۽ جيڪڏهن چارئي ڪوڏيون سنئين ڀر هونديون ته 8 داڻا ليکبا. هن راند ۾ اٺ داڻا ۽ چنهر وڏا داءَ هوندا آهن. اٺن داڻن تي هڪ داڻو اضافي ٿيندو آهي، جنهن کي ’پئون‘ چوندا آهن. هن راند رچڻ لاءِ ڪڍيل ليڪن کي ’چيلا‘ چئبو آهي، جنهن ۾ وچ واري چيلي يا ڇڪي ۾چارئي ڪوڏيون راند هلائي رچائبيون آهن. جيڪو سڀ کان اڳ چارئي ڪوڏيون رچائيندو آهي، اهو راند کٽي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو