پرٽ

پرَٽُ: پرٽڌوٻي“ يا ”کَٽِيءَ“ کي چئبو آهي. هي هڪ قديم لفظ آهي، جيڪو اڄڪلهه ذري گهٽ متروڪ ٿي چڪو آهي. ’پرٽِ‘ مرد ڌوٻي/کٽيءَ کي ۽ ’پرٽ‘ يا ’پرٽياڻي‘، ڌوٻياڻيءَ يا کٽياڻيءَ کي چئبو آهي. سسئيءَ جي پالنا جيئن ته هڪ کٽيءَ ڪئي هئي، ان ڪري سسئيءَ جي حوالي سان شاهه لطيف هن لفظ جو استعمال ڪيو آهي:
پنهل نيو پاڻ سان، پورهيت پرٽياڻي
(سُر ڪوهياري)
مون ڪميڻيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پرٽُ پيو!
(سُر ديسي)


لفظ پرٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو