چَسي

چَسي: چسي انساني اظهار جو هڪ مخصوص انداز آهي، جنهن ۾ هڪ شخص، ٻئي جي هٿ تي هٿ هڻي داد جو اظهار ڪندو آهي، اهو اظهار اُن وقت ٿيندو آهي، جڏهن ٻن ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ڪا ڳالهه سندن دل سان لڳندي آهي، يا خيالن جي ڏي وٺ ۾ هڪجھڙائي پيدا ٿيندي آهي. چسي ملائڻ اصل ۾ ذهني هڪجهڙائيءَ جو اظهار هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو