ٽوئڪي

ٽوئڪي(Small Mat):فصل لهڻ تي بٽئيءَ ۾ جيڪو ٻنڌاڻ، راڄ جي ملا، حجام، فقير، مسجد، سيد يا زمينداري خرچ جي بلي ڏجي، ان کي ”ٽوئڪي“ چوندا آهن. ٽوئڪيءَ ۾ ”ٽوين“ جو ماڻ اچي وڃي ٿو. هر علائقي ۾ ٽوئڪيءَ جو ماڻ جدا جدا هوندو آهي. موجوده وقت ۾ ٽوئڪيءَ جو رواج ختم ٿي ويو آهي. (ٽوئڪي= ٽويي جي ماڻ جيترو ان).


هن صفحي کي شيئر ڪريو