ڇاڙ

ڇاڙ: هيءَ هڪ رسم آهي، جيڪا ڪنهن شخص جي مرتيي تي ادا ڪئي ويندي آهي. هن رسم مطابق وفات ڪري ويندڙ مرد يا عورت جي لاش تي ڪپڙو اوڍيو ويندو آهي. هيءَ سنڌ جي قديم رسم آهي. راڄ ۾ ڪو شخص فوت ٿي وڃڻ تي مٽ مائٽ اوڙي پاڙي ۽ واسطي، تعلق وارا گڏ ٿيندا آهن ۽ فوتيءَ کي تڙ ڏيارڻ کانپوءِ فوتي مٿان جيڪڏهن مرد هوندو آهي ته اجرڪ، لنگي يا نئون هرک جو ڪپڙو ۽ جيڪڏهن عورت هوندي ته مٿس پوتيون، چادرون يا شالون وجهندا آهن، ڇاڙ جي رسم سان دراصل فوتي جي وارثن جي مالي مدد ڪرڻ وارو جذبو ڪار فرما هوندو آهي. لاڙ ۾ هن رسم کي ’شام‘ به چوندا آهن. ڇاڙ جي ريت مختلف خاندانن ۽ ذاتين ۾ مختلف نموني ادا ڪئي ويندي آهي. سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي هن رسم مطابق روڪ پئسن وغيره ڏيڻ جو به رواج آهي. جڏهن ته ڪٿي اناج (جنس) وغيره به ڏنو وڃي ٿو ۽ ڪن هنڌن تي ڇاڙ نه ورتي ويندي آهي. هن رسم واري مليل رقم توڙي ڪپڙا وغيره حاجتمند ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏبا آهن. ڇاڙ رسم ۾ مليل جنس سان خيراتون ڪيون وينديون آهن.


لفظ ڇاڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو