صندل

صندل

صندل

صندل: هيءَ هڪ قسم جي خوشبودار ڪاٺي آهي. صندل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ سنڌيءَ ۾ هن کي چندن جي خوشبودار ڪاٺي سڏيو ويندو آهي. صندل جي ڪاٺيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان اڪثر خاص ڪري اڇي، پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ جي صندل جي ڪاٺي پنهنجي ناياب خوشبو جي ڪري خوشبودار سفوف ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي ۽ دوائن ۾ پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ باقي عام قسم جي صندل جي ڪاٺيءَ مان ڪرسيون،ميزون، شطرنج جا مُهرا وغيره ٺاهيا ويندا آهن. هن وقت صندل جو هڪ قسم ڏکڻ ايشيا، ملايا ۽ آفريڪا ۾ ٿئي ٿو، جنهن مان فرنيچر ٺاهڻ کانپوءِ ان جي بچيل ٻوري (سفوف) مان رنگ تيارڪيا وڃن ٿا.


لفظ صندلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو