شيکلو

شيکلو

شيکلو

شيکلو (Mast): هيءُ ٻيڙي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اوزار آهي، جيڪو ٻيڙي جي وچ ۾ ڪاٺ جو ڊگهو بمبو/ لڪڙو خاص ڪري وڏي ٻيڙيءَ جي کوهي طور ٻين اوزارن سان گڏ نصب ڪيو وڃي ٿو. هن جي استعمال جو مقصد سڙهه ٻڌڻ، ڳرو بار کڻڻ، جديد زماني ۾ ريڊيائي اشارن جي حصول لاءِ سامونڊي حالتن جو جائزو وٺڻ، اشارتي لوڙهو/ پڙ، اشارتي بتيءَ لاءِ مخصوص جاءِ، ٻيڙي کي تيز هوائن، طوفان ۽ لهرن کان قابو ۾ رکڻ ۽ ٻيڙي جي رفتار وڌائڻ آهي. وڏن ٻيڙن ۾ شيکلن جو تعداد ٻه، ٽي يا ان کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. شيکلي جي تعداد جو دارومدار ٻيڙيءَ جي قسم، ڊيگهه ۽ بناوت تي ٿئي ٿو.
اڻويهين صديءَ جي اڌ تائين شيکلو، وڻن جي ڪاٺ جي ڪجهه ٽڪڙن بالخصوص صنوبر (وڻ) جي هڪ يا وڌيڪ ٿڙن کي ڳنڍي ٺاهيو ويندو هو، جنهن جو آغاز 16هين صديءَ کان ٿيو. ابتدا ۾ اهي محض هڪ ئي حصي جي صورت تيار ڪيا ويا، پر بعد ۾ ٻيڙن جي جديد بناوت سبب شيکلي جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ به اضافي جي ضرورت محسوس ٿي، جنهنڪري گهربل اوچائي ۽ مضبوطيءَ کي نظر ۾ رکندي شيکلي کي چئن حصن جهڙوڪ: ٻيڙيءَ سان لڳل هيٺيون حصو
(Lower)، چوٽي (Top)، مٿيون ٿنڀ (Top Gallant) ۽ جهاز جو سڀ کان بلند کوهو (Royal Masts) ۾ تيار ڪيو ويو. شيکلي جي هيٺئين حصي کي خاطر خواهه ٿولهه ڏئي ڪاٺ جي ٽڪڙن کي ملائي هڪ مڪمل ڍانچي جي صورت ۾ آندو ويو، جيڪو اڄ تائين ڪاٺ جي وڏن ٻيڙن ۾ استعمال ٿئي ٿو. موجوده وقت ۾ ڪجهه ٻيڙن اندر ڪاٺ بجاءِ لوهي پائيپن سان ٺهيل شيکلا پڻ نصب ڪيا وڃن ٿا.
شيکلي بابت الهه نواز رڪڻائيءَ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو’ ۾ لکيو آهي ته، “ننڍيون وڏيون ٻيڙيون سڙهه تي هلنديون آهن. سڙهه، آڏ يا آلات ۾ ٻڌبو آهي ۽ آلات، شيکلي تي بيهاري وڃي ٿي. شيکلو، شاکي اڏيءَ کان اڳيان ٿئي ٿو، جنهن ۾ دڏ نڪتل هوندي آهي، يعني شيکلي جي هيٺئين حصي جي ٿولهه جيتري گولائيءَ سان دڏ ٺهيل هجي ٿي، جنهن ۾ شيکلو بيهاربو آهي.”


لفظ شيکلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو